جئانگسو صوبو
جئانگسو صوبو Jiangsu | |
---|---|
چيني صوبو | |
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: نانجنگ ۾ زيفينگ ٽاور, سُوجَو ۾ جوجئانگ, ٽائيگر ھل پگوڊا, شوجو وارو ٽي وي ٽاور, سن يات سين جو مقبرو | |
نقشي ۾ جئانگسو نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E | |
ملڪ | عوامي جمهوريه چين |
نالو پيو | 江 جئانگ – جئانگجنگ (ھاڻي: نانجنگ) 苏 سو – سوجو |
گادي جو هنڌ | نانجنگ |
وڏي ۾ وڏو شھر | سوجو |
انتظامي ورهاست | 13 پريفيڪچر، 106 ڪائونٽيون، 1488 ٽائون شپ |
حڪومت | |
• قسم | صوبائي حڪومت |
• مجلس | صوبائي پيپلز ڪانگريس |
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | لو چنجيان |
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | لُو چِنجِيان |
• گورنر | وو جينگلانگ |
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | ھوئانگ لشين |
پکيڙ | |
• ڪل | 102,600 ڪ.م2 (39,600 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | 25ھون وڏو صوبو |
بلند ترین پیمائش (يونتائي جبل) | 625 ميل (2,051 ft) |
آبادي (2018)[1] | |
• ڪل | 80,400,000 |
• ڪاٿو
2019 |
80,700,000 |
جئانگسو | |||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
"جئانگسو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون) | |||||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 江苏 | ||||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 江蘇 | ||||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنیٰ | "جئانگ(ننگ) ۽ سو(جو)" | ||||||||||||||||||||||||||||
|
جئانگسو(انگريزي: Jiangsu ) 江苏 (پھرين رومن ۾ ان لاء لفظ ڪيئانگسو (انگريزي: Kiangsu) استعمال ٿيو بعد ۾ رومن ۾ جئانگسو ٿيو) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ اوڀر واري ساحلي صوبي جو نالو آهي. اھو چين جي ماليات، تعليم، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ھر اول صوبو آهي. ان جي گادي جو هنڌ نانجنگ آھي پر ھن صوبي جو وڏي ۾ وڏو شھر سوجو آھي. جئانگسو پکيڙ ۾ چين جو ٽيون نمبر ننڍي ۾ ننڍو صوبو پر آبادي ۾ پنجون وڏو صوبو آھي ۽ سڀ کان وڏو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي. ھي صوبو گوئينگڊانگ کان پوءِ جي ڊي پي ۾ چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي[4]. جئانگسو جي اتر ۾ شئنڊانگ، اولھ ۾اينھئي، ڏکڻ ۾ ججيئانگ ۽ شنگھائي ميونسپلٽي واقع آهن. ھن صوبي جي ساحلي پٽي جي ڊيگھ 1٬000 ڪلوميٽر (620 mi) آھي. يانگزي ندي ۽ پيلي ندي ھن صوبي جي ڏاکڻي حصي مان گذرن ٿا. ھي علائقو سوئي گھراڻي ۽ تانگ گھراڻي جي دؤر کان چين جو معاشي ۽ واپاري مرڪز رھيو آھي ان جو ھڪ سبب گرينڊ ڪينال، چين جي تعمير پڻ آهي. ھن صوبي جا شھر نانجنگ، سوجو،ووشي،چنگجو ۽ شنگھائي (جيڪو 1927ع ۾ جئانگسو کان الڳ ڪيو ويو) سڀ معاشي مرڪز ھيا. 1990ع ۾ معاشي سڌارن شروع ٿيڻ کان وٺي جئانگسو معاشي ترقيءَ جو مرڪزي مقام بڻجي ويو. ان جو شمار چين جي سڀ کان وڌيڪَ ترقي يافته صوبن منجھ ٿي ويو[3]. جئانگسو دنيا ۾ اليڪٽرانڪ سامان، ڪيميڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي چوٽي وارن برآمد ڪندڙن جو ديس آهي[5]. 2006 کان پوءِ چين ۾ پرڏيهي سيڙپ سڀ کان گھڻي ھن صوبي ۾ ٿي آھي. 2018ع ۾ ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 1.39 ٽرلين آمريڪي ڊالر ھئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ (ٻولي ۾ Chinese). Jiangsu Bureau of Statistics https://web.archive.org/web/20190126164441/http://www.jiangsu.gov.cn/art/2018/2/26/art_34153_7495309.html. وقت 2019-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-01-26. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Missing or empty|title=
(مدد) - ↑ 3.0 3.1 "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17.
- ↑ 赵婷婷. "Top 10 regions with highest GDP in China[2]- Chinadaily.com.cn". ChinaDaily.com.cn. وقت 28 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "China provinces 'to be bigger than Russia'". FT.com. وقت 6 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Wikipedia page with obscure country or subdivision
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- خالي يوآر ايل رکندڙ حوالن سان صفحا
- سي ايس 1 جي Chinese ٻولي جو مآخذ
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- مقالا جن ۾ آسان چيني-ٻولي جو متن آهي
- Articles with hAudio microformats
- لساني سانچا
- چين
- چين جا صوبا