بم گولو
ڏيک
بارود جو گولو، بارود سان ڀريل گولو، جيڪو پهريون ڀيرو 724ھ/ 1324ع ۾ هٿيار طور غرناطه جي شاهه اسماعيل عيسائين جي لشڪر تي استعمال ڪيو. هي گولو نفط جي ذريعي قلعي جي برج تان عيسائين جي لشڪر تي اڇليو ويو هو. جڏهن گولو ڦاٽو ته -ان- مان ڦوهاري وانگر چڻنگون پکڙجي ويون ۽ گهيري ۾ آيل لشڪر جي وچ ۾ وڃي ڪريو. انهن مان کين ايترو ئي نقصان پهتو، جيترو بجليءَ جي گولي مان پهچي سگهي ٿو. هن وقت بهترين جنگي هٿيار ”بم گولو“ آهي، جيڪو دشمن کي تمام گهڻو جاني نقصان پهچائي ٿو.[1]