ماڪوڙي
ماڪوڙي (انگريزي ٻولي: Ant) کي ڪيئلي يا ڪِوِلي به سڏين ٿا. ماڪوڙيءَ جو جمع ماڪوڙيون، ڪيئليون، يا ڪوِليون آهي. ماڪوڙي اِيو سوشل (eusocial) جيت آهي، جيڪو ماکيءَ جي مکين ۽ ڏنيڀن واري سلسلي سان لاڳاپيل آهي. [1]
چئوماسي جي موسم ۾ ماڪوڙيون ٻرن مان نڪري پنهنجا آنا کڻي مٿانهين جاءِ ڏانهن وڃن، ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ماڪوڙيون پڻ جيتن جي انهن قسمن ۾ شمار ٿين ٿيون، جيڪي ڪالونيون ٺاهي هڪ نظام يا سرشتي تحت رهنديون آهن. ماڪوڙيون عام حالتن ۾ زمين جي اندر سوراخ ڪري اندر داخل ٿي پوءِ پنهنجي رهائشي ڪالوني جي اڏاوت ڪري انهن ۾ هڪ نظام تحت رهائش اختيار ڪنديون آهن. ماڪوڙيون ڏکين حالتن جي تياري پڻ اڳواٽ ڪنديون آهن. هنن ۾ پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري رکڻ جي پڻ صلاحيت موجود آهي. هي جيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس آهن. هنن جي سونگهڻ ۽ چکڻ جو حواس سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين تيز هوندو آهي . هي اڪثر ڪري خوراڪ جي تلاش ۾ پنهنجي ٻرن کان ٻاهر نڪري هِتي هُتي ڦرنديون پڻ نظر اهي، خاص ڪري مٺاڻ تي ڪٿي به اچي گڏ ٿينديون آهن. تمام پري کان هو پنهنجي تيز حواسن ذريعي شين جي ذائقي جي حد تائين سڃاڻپ رکن ٿيون. هي ضرورت موجب کائڻ کانپوءِ شين کي پنهنجي ٻرن تائين کڻي وڃي ذخيرو ڪرڻ جي محنت ڪنديون رهن ٿيون. هي ٽولين جي شڪل ۾ پنهنجي وزن جي ڀيٽ ۾ ڳريون شيون کڻي وڃي پنهنجي ٻرن اندر ذخيرو ڪنديون آهن. هي مئل جيت ، گوشت جا ذرا ، ان جا داڻا، ماني جا ڀور مطلب ته کين جيڪا به کاڌ خوراڪ جي شئي نظر ايندي آهي، انهي کي هڪٻئي جي مدد سان کڻي وڃي پنهنجي ٻرن ۾ ٺهيل گودامن ۾ گڏ ڪنديون آهن.
چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جي وڌي وڃڻ سبب هن جي ٻرن تائين ٺهيل زميني سوراخن مان هوا جا رستا آبي بخارن جي وڌڻ سبب بند ٿي ويندا آهن. ان کان علاوه آڙنگ جي گرمي ۾ سندن ٻرن جي درجه حرارت وڌي وڃڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري برسات جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي مينهن جي اچڻ کان باخبر ٿي وڇن ٿيون. انهي ڪري هي دفاعي لحاظ کان پنهنجي ٻرن ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي، ٻرن مان نڪري مٿانهين جاين ڏانهن هنگامي لڏ پلاڻ ڪنديون آهن، جيئن محفوظ رهي سگهن . عام حالتن ۾ ماڪوڙيون پنهنجي ٻرن مان خالي نڪرنديون آهن ۽ ٻرن ۾ داخل ٿيڻ وقت سندن منهن ۾ ڪانه ڪا شئي هوندي آهي. پر هنگامي حالتن ۾ ٻرن ۾ خالي منهن داّخل ٿينديون آهن ۽ ٻرن مان نڪرڻ وقت ڪانه ڪا شئي ٻاهر کڻي نڪرنديون آهن. انهن شين ۾ سندن آنن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. سندن اهڙي قسم جي خاص چرپر ڏسي ماڻهون پڻ محسوس ڪندا آهن ته هاڻي جلد برسات اچڻ واري آهي. [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ant - Wikipedia
- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25