مواد ڏانھن هلو

سنڌي سڀيتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سنڌي ثقافت کان چوريل)

سنڌ جي ثقافت __سنڌي ثقافت _&(Sindhi Culture):

بنيادي طرح سنڌ جي ثقافت پيار، محبت، رواداري، سيڪيولر سوچ ۽ عدم تشدد جو اعليٰ مثال آهي. عام سنڌي ماڻهو صوفي مزاج ۽ امن پسند آهي. هتي ويدانت، ٻڌمت، صوفي ازم جا سمورا مثبت قدر ملائي هڪ تمام مثبت سماج جي تشڪيل ٿي آهي، جنهن ۾ اڪثر ٻاهران آيل عنصر به رخنو وجهندا رهيا آهن. سنڌي ماڻهو دنيا ۾ پنھنجي مھمان نوازي جي ڪري مشھور اھن. ان کان علاوه منجھن احسان ڪرڻ، صبر ڪرڻ، شڪر گذار رھڻ، امن پسندي، نماڻائي وغيره صوفياڻي تعليمات جو نتيجو اھي. تصوف جي سلسلي سان مذھبي رواداري پيدا ٿي. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ صوفي شاعرن جو وڏو ڪردار رھيو آھي. اهڙن شاعرن ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو وڏو ڪردار آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سنڌي ادب وڌيو ئي صوفي ازم جي اغوش ۾ اھي. سنڌي ثقافت سمورن لطيف فنن سان مالا مال آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي اڄ ڏينهن تائين راڳ ۽ رقص جي وڏي قدرداني ڪئي ٿي وڃي. ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي سڄي دنيا جا سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائيندا آهن.[1] سنڌ جي ثقافت جون پاڙون سنڌو ماٿر جي تمدن ۾ آھن. سنڌ وڏي ريگستاني علائقي واري، قدرتي وسيلن ۽ مسلسل پرڏيهي اثرن جي سلسلي ۾ ٺھي آھي. سنڌو يا سنڌو درياء جيڪو زمين جي مان گذري ٿو، ۽ عربي سمنڊ (جيڪو ان سرحدون مقرر ڪري ٿو) پڻ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ seafaring روايتن جي پٺڀرائي ڪئي آھي.[2] مقامي آبهوا پڻ ظاهر ڪري ٿي تہ سنڌين کي ٻولي، لوڪ ادب، روايتون، رواج ۽ طرز زندگي آهي جيڪي پاڙيسري علائقن کان مختلف آهن.[3][4] سنڌي ثقافت سنڌي ماڻھن طرفان پاران پيش ڪيو وڃي ٿو.


اسلام اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ثقافت ۾ آيل تبديليون ۽ ان جا سماج تي اثر

[سنواريو]

سنڌ جي طبعي ۽ تاريخي حالتن، سنڌي ثقافت جي اڏڻ ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. جاگرافيءَ جي لحاظ کان هاڻوڪي سنڌ ڀارت جي ٻين حصن کان گهڻو الڳ ۽ پري آهي. اوڀر ۾ ٿر جو ريگستان، اوڀر ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ پٽ، ڪوري کاري ۽ ڌُٻڻ وارو علائقو، اولھ ۾ بلوچستان جو پهاڙي ۽ غيرآباد علائقو، اِهي سڀ اهڙيون قدرتي حدون آهن، جن جي ڪري سنڌ ۽ ٻين علائقن جي وچ ۾ ماڻهن لهه وچڙ ۾ رڪاوٽون آهن. سنڌ جو رڳو اُتر اوڀر طرف پنجاب سان گهڻو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپ قائم رهيو اهي. ان طرف وڏا ميدان آهن، جن مان سنڌوندي پنجاب مان وهي ڪشمور (جيڪب آباد) وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. قديم زماني ۾ سنڌ کان ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ گهڻو ڪري پنجاب واري طرف کان ٿيندي هئي.

رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌوندي، سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو مکيه وسيلو ثابت ٿي آهي. اڄ تائين رڳو اِها هڪ ندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ ٻارنهن مهينا وهندي رهي ٿي. ان جي پاڻيءَ سان پنجاب ۽ سنڌ سرسبز ۽ آباد آهن. آڳاٽي زماني ۾ سر سوَتي نديءَ جو هڪ وهڪرو به سنڌ مان وهندو هو، جيڪو مهاڀارت واري زماني ۾ سُڪي ويو. اُن کان پوءِ سنڌوندي ئي هن علائقي لاءِ جيون جو مکيه وسيلو بڻي. اِن ڪري اُن جي ڪناري تي سنڌ سڀيتا (Sindh Sabhiyata) جي اوسر ٿي. ويدن جي زماني کان وٺي سنڌ جا رهواسي ’جل جي ديوتا‘ (ورڻ) جي پوڄا ڪندا پيا اچن.

ڏهين عيسوي صديءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ ’جهولي لال‘ يا ’اُڏيري لال‘جي پوڄا جي ارتقا ٿي، جنهن کي پڻ سنڌي ’ورڻ ديو‘ جو اوتار ليکين ٿا. ان جي پکيڙ پوءِ اُتر ۾ ملتان تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ، شوراشٽر (گجرات) ٿي ويو.

تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. ڀارت ۾ هيءَ پهريون پرڳڻو هو، جنهن تي اٺين عيسوي صديءَ ۾ بن قاسم جي سرواڻيءَ ۾ عربن ڪاهه ڪئي. هُنن 712ع ۾ آخري هندو مهاراجا ڏاهرسين کي جيتي، سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو. اِن ڪري گهڻا مسلم مؤرخ سنڌ کي ”باب السلام“ (اسلام جو دروازو) ڪري سڏيندا آهن. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان هتان جي مڪاني رهاڪن تي گهڻو اثر ٿيو. اُهي گهڻو ڪري ويدن واري آڳاٽي عقيدي ويدڪ سناتن ڌرم جا مڃيندڙن هئا. گهڻا سنڌي ٻُڌ مت جا به پوئلڳ هئا. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ سان ڪِن سنڌين اِسلام مذهب اختيار ڪيو ته ڪي سنگت جي اثر هيٺ مسمان ٿيا ته ڪي ٻين ڪارڻن جي ڪري. ملڪ جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مذهب کي پکيڙڻ لاءِ ڪڏهن ڏاڍ کان به ڪم ورتو. اِن جي ڪري چڱي انگ ۾ سنڌي هندو پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي ڀر وارن هندو علائقن ۾ وڃي رهيا. ان لڏپلاڻ جا حوالا اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿا. ڪجهه هندو اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجي عقيدي تي اٽل رهيا ۽ سنڌ کان ٻاهر نه ويا. اُنهن تي غير مسلمانن هجڻ جي ڪري حاڪمن جزيو وڌو. اِن طرح سنڌ جتي اٺين عيسوي صديءَ کان اڳ رڳو هندو، ٻڌڌرم، ۽ ڪجهه ٻين متن (ڌرمن) وارا رهندا هئا، اُتي 1947ع ۾ ورهاکي وقت هندن جو آدم ڳڻپ ۾ ڪُل انگ رڳو پنجويھ سيڪڙو کن وڃي بچيو هو.

سنڌ ۾ اسلام سان گڏوگڏ صوفي درويش ۽ اسماعيلي مت جا مبلغ يا تبليغي پير به آيا. اُهي ڪٽر مذهبي نه هئا. هنن جي ويچار کان متاثر ٿي، چڱن سنڌي هندن سندن مذهب اختيار ڪيو. اِن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو انگ اُهو آهي، جيڪي پنهنجو اصلوڪو ڌرم ڇڏي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اُنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پڻ پنهنجيون اصلوڪيون ريتيون رسمون ۽ لوڪ عقيدن کي گهڻي قدر پاڻ وٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو.

هتي جيڪي طبعي ۽ تاريخي حالتون ڄاڻايون ويون آهن، انهن جي ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سماج ۾ چڱين ئي خاصيتن جي ارتقا ٿي آهي، جن ۾ مکيه هن ريت آهن:

ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج ۾ ڪٽرپڻو گهٽ آهي، پر هاني هوريا هوريان سنڌ ۾ به ڪٽرپڻو تيزيءَ سان وڌي رهيو، نه ئي ٻين جي ڀيٽ ۾ ذات پات جو ڀيد ۽ ڇوت ڇات به سنڌ ۾ گهٽ آهي. (سڀني مذهبن کي برابريءَ سان ڏسڻ) عالمي ڀائيچارو سنڌي ماڻهوءَ جي عام وصف هئي ۽ رهي آهي. صوفي مت ۽ سنت مت جي اثر سنڌين جو نرگڻ (بي ڳڻ) نراڪار (بي شڪل) ۽ هڪ خالق ۾ گهڻو وشواس آهي. ان هوندي پڻ هو جدا جدا (فرقن) ۽ ڌرمي نظرين کي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. سنڌي هندو صوفي درويشن جي درگاهن تي وڃن ٿا ته سنڌي مسلمان به هندُن جي ڪيترن ڌرمي عقيدن کي مانُ ڏين ٿا.

(2) ڪٽر مسلمان حاڪمن جي دؤر ۾ به گهڻا ئي هندو پنهنجي ڌرم تي اٽل رهيا. اِن مان هُنن جي جاتيءَ اندروني قوت ۽ ڌرم ۾ وشواس جي ساک ملي ٿي.

(3) واپار سانگي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان دولت ڪمائڻ، اُن سان سماجي فلاح جا ڪم ڪرڻ سنڌي هندُن جو عام گُڻ آهي. اِن جي ڪري ساهت سِرجڻ، آرٽ وغيره ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ هنن جو ڌيان واپار ۽ ناڻي ڪمائڻ طرف به وڌيڪ رهيو آهي.

(4) سنڌي هندو سماج جي ٻي مکيه خاصيت اِها آهي ته اُن ۾ چوٿون ورڻ (شوُدر) به ڪو الڳ ٿلڳ ڪونهن پر سنڌي سماج ۾ گهڻو ڪري بنا مت ڀيد جي گڏجي رهن ٿا. سنڌي هندو سڀ سون آهن، جن ۾ کيتري ۽ وئش ذاتين جي وچ ۾ تفاوت نه رهيو آهي. برهمڻ ورڻ جا گهر به کتري ورڻ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن. سنڌي کتري ۽ وئش گهڻو ڪري پاڻ کي لوهاڻا (سوريه ونشي) ۾ رامچند جي نسل جا سڏائيندا آهن. اُهي گهڻي ڀاڱي گذريل ٽِن صدين ۾ پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات جي ڪِن علائقن مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. اُهي لوهاڻا جيڪي اٺين عيسوي صديءَ ۾ عربن جي ڪاھ وقت سنڌ ۾ رهندا هئا، انهن مان گهڻا يا ته مومن يا ميمڻ يامسلمان بڻجي ويا يا سنڌ جي ڀر وارن هندو راجائن جي علائقن ڏانهن هليا ويا.

سنڌ جا هندو مغلن جي صاحبي واري دؤر کان وٺي ڌنڌي جي لحاظ کان ٻن مکيه گروهن ۾ ورهائجي ويا. اُهي آهن عامل ۽ ڀائيبند. عامل اُهي آهن، جيڪي مسلمان حاڪمن جا عملدار هئا. سنڌ ۾ انگريزن جي صاهبي اچڻ کان پوءِ پڻ عامل طبقو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيو. ٻئي طرف ڀائيبند اُنهن کي سڏيو ويو، جيڪي ڌنڌي ۽ واپار وڙي ۾ گهڙيا. سنڌ وروڪي ڀائيبند اُهي هئا جن گذريل ٽن کن صدين ۾ الڳ الڳ ملڪن ۾ وڃي واپار ڪيو.

عاملن ۽ ڀائيبندن جون پنچائتون سنڌ ۾ الڳ الڳ هيون. ورهاڱي تائين پڻ پنچائي سرشتي جو تمام گهڻو زور هو، جيڪو ڀارت ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ گهڻي قدر ڍِلو ۽ ڪمزور ٿي ويو. سنڌ جي علائقي ۾ ڀيد ڀاوَ جي لحاظ کان عاملن توڙي ڀائيبندن ۾ ڀيد ڀاءُ هوندو هو (جيئن ته ساهتيءَ وارا، لاڙا ئي، اُترادي، ساکرو، شڪارپوري، لسٻيلائي، ٿري، وغيره). انهيءَ موجب پنچائتون به الڳ الڳ ٺهيون. اُهي ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ پڻ قائم آهن. خاص طور وهان يا سڱابندي ڪرڻ وقت عامل، ڀائيبند ۽ علائقائي فرق جو اڃا تائين گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.

(5) ڀارت ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ سنڌين جي سماجي ڍانچي ۾ مکيه تفاوت اهو ٿو نظر اچي ته ڀارت جي سنڌين مان مسلمان طبقو بلڪل ختم ٿي ويو آهي. (ڪڇ، راجسٿان جي سرحدي علائقن ۾ جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ مسلمان رهن ٿا، اهي سندي هندن جي ڀائيچاري جو حصو بڻجي نه سهگيا آهن). اِن هوندي به تصوف واري ويچار ڌارا جو اثر ڀارتي سنڌين ۾ صاف نظر اچي ٿو.

سنڌي لوڪ ثقافت جا جدا جدا طبقا جن جو هن کان پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن مان لوڪ ادب وارو حصو ته ڀارت جي سنڌي هِندُن گهڻي قدر پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي. پر نئين زماني جي ماحول سببان ڀارت ۾ لوڪ جيوت جي طريقن، لوڪ ڪلائن (فنون) ۽ روايتن کان حاصل ٿيل هُنرن ۽ لوڪ هُنرن مان گهڻن حصن جو ڀارت ۾ خاتمو ٿي چڪو آهي. هتي جي علائقائي ثقافتن جي اڪثر ڪري ڀارتي سنڌي نوان نوان رُوپ (جيئن ته: گُجراتي گرٻا ناچ، ماهاراشٽر ۽ گجرات ۾ گڻيش پوڄا، ڀڳت جي روايت ۾ سينيما جا گانن ۽ طرزن جو استعمال ڪري ڊِسڪو پيش ڪرڻ، وغيره) اختيار ڪري رهيا آهن.

سنڌي پهاڪا ۽ چوَڻيون جيڪي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهن، اُنهن ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. سنڌ جي جاگرافيءَ اندر سنڌي مسلمانن جي ريتين رسمن تي ٻڌل پهاڪا ڀارت جي نوجوان نسل جي ٻوليءَ مان لڳ ڀڳ گم ٿي چُڪا آهن. اِنهيءَ کان سواءِ، هندي، اردو ۽ ٻين ٻولين جا ٻول ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي رهيون آهن. [5]

درشن خانو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Sindhi Culture And Customs آرڪائيو ڪيا ويا 2003-07-02 at Archive.is. Retrieved on 9 July 2008.
  3. Thakur, U (1959). Sindhi Culture. University of Bombay.
  4. Culture
  5. ڪتاب: سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس، ليکڪ؛ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام