ائنا اخمتووا
ائنا اخمتووا | |
---|---|
Akhmatova in 1922 (portrait by Kuzma Petrov-Vodkin) | |
پيدائش | ائنا آندريونا گورينڪو 23 June [قديم تاريخ 11 June] 1889 اڊيسا،روسي ايمپائر، ۽ ھاڻي يوڪرائن |
وفات | 5 مارچ 1966 (عمر 76 سال) ماسڪو |
ڌنڌو | شاعر، مترجم |
قوميت | سويت يونين /روس |
ادبي تحريڪ | اڪميزم (Acmeism) |
جيون ساٿي | نڪولي گوميلاف
(1910-1918; طلاق ٿي وين)
|
اولاد | ليف گوميلاف |
ائنا اخمتووا (Anna Andreyevna Gorenko؛ روسي: Анна Андреевна Горен؛ 11 جون، 1889 - 5 مارچ، 1966)، جيڪا گھڻو پنھنجي قلمي نالي "ائنا اخمتووا" سان مشھور آھي،[1] جديد روسي شاعرا هئي. هوءَ خاموش مزاج عورت هئي، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٿورو احوال سندس شاعريءَ مان ظاهر آهي. اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ اوڊيسا، يوڪرين ۾ پيدا ٿي هئي، جيتوڻيڪ هن جي زندگي ۽ شاعري سينٽ پيٽرزبرگ، روس سان وابسته آهي. هن زارسڪوف سيلو (زار جي ڳوٺ) ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريا. اهو ڳوٺ سينٽ پيٽرزبرگ جي ويجھو آهي. سال 1944ع ۾ جڏهن جنگ کان پوءِ هوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، ته پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن لکيو ته 1890ع ۾ جڏهن هوءَ ٻار هئي ته اتان جا ساوا ۽ گھِميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا، جتي هوءَ پنهنجي ٻڪريءَ کي گھلي ويندي هئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن اهي سڀ کيس ياد ايندا هئا.
سال 1907ع ۾ هن ڪيف، يوڪرين ۾ تعليم ورتي ۽ سال 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين، جيڪا روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ هڪ رنگين مزاج شخصيت هو. هو پهريون شاعر هو، جنهن غير اولهه ملڪن مان نوان موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا هئا. هن آفريڪا جي ملڪن، خاص ڪري ايبيسينيا (حبشه) جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ خيال پنهنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذهبي دهشت ۽ خوشيءَ ۾ غم سان بي پرواهيءَ جو عقيدو هو، جنهن هن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيهاريو هو. اخمتووا هن سان وهانءُ ۾ خوش نه هئي ۽ اهڙو ذڪر هن ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. هن پهريون ڀيرو اولهه يورپ، گوميلاف سان پنهنجي هَني مون تي ڏٺو، جو هنن پيرس، فرانس ۾ ملهايو ۽ جڏهن هوءَ ٻيهر سال 1911ع ۾ وئي هوءَ مصور مودليانيءَ سان ملي، جڏهن اڃا هو مفلس هو ۽ کيس ايتري مڃتا نه ملي هئي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنهنجا ڪيئي نظم ٻڌايائين. مودليانيءَ هن جون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ بچي وئي، جا پڇاڙيءَ تائين هن جي ديوار تي ٽنگيل هوندي هئي. هن کي پئرس ائين لڳو، ڄڻ اهو هن جي زندگيءَ جو سينٽ پيٽرزبرگ وانگر ٻيو ٿنڀو هو، پر هوءَ روس ۾ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رهي پئي. سال 1910ع ۾ هن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اچڻ واري سرد ۽ اونداهي مستقبل، جو اچي رهيو هو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. سال 1944ع ۾ هن لکيو ته:
"هن ظالم دور ۾ مون کي ائين پاسيرو موڙيو ويو آهي، جيئن ڪا ندي پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ڇڏي."
سينٽ پيٽرزبرگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي باري ۾ پڪ نه هئي ۽ هن کي ان لاءِ راضي ڪندو رهيو ته هو بئلي ڊانسر ٿئي.
هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت کانپوءِ پڙهيو ته هن کي محسوس ٿيو ته کيس پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. اَنينسڪي هڪ علامت پسند هو، پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هو، جيڪي چوندا هئا ته هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزينڊر بلاڪ جي تصور کي به اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون، جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. سال 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنهنجي تخليق ۾ سلسليوار نه رهي ۽ سال 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، جن کي فيوچرسٽ ۽ ائڪمسٽ چيو ويندو هو. پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هو ۽ عام رواجي ٻولي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪمزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا ميڊالسٽام جي دوست به هئي ۽ هن کان ڪافي متاثر به هئي. هن جي مڙس گوميلاف هڪڙو جدا شاعرن ۽ اديبن جو گروهه ٺاهيو. ميڊالسٽام اخمتووا جي پهرئين جلد تي مهاڳ لکيو.
سال 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلورينس، وينس ۽ ٻيا شهر ڏٺا ۽ اطالوي مصوريءَ ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. سال 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجهه ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گهري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿيو، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. سال 1918ع ۾ ائنا اخمتوا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي هئي ۽ آرٽ اڪيڊميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي.
هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگِ عظيم ۾ ته گھڻا سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. سال 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. سال 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظرِ عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هن جي ڪابه شيءِ ڇپائيءَ هيٺ اچڻ نه کپي، جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمنيءَ سان واسطا چڱا هئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباريءَ هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجو توجهه ڪيو ۽ سال 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.
سال 1941-1942ع ۾ هوءَ بار بار دوستووسڪي کي پڙهندي رهي، جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستووسڪيءَ جي لکائي ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گھيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس تاشقند هوائي جهاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، ان تي اعتراض ڪيو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعريءَ وانگر نه ڇپجي سگھي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته ان جا پروف به پڙهيا ويا هئا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن جي انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي ڇپائي تي بندش وڌي وئي، جا 1953ع ۾ اسٽالن جي موت تائين رهي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، هن جي پٽ کي 3 ڀيريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو ردِ عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي اسٽالن، مينڊالسٽام کي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ سال 1950ع ۾ مري وئي.
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز هن جي شعرن کان گهڻو متاثر هو، کيس دنيا ۾ جيڪي 5-6 وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، تن مان هڪ مڃيندو هو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Akhmatova". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
- ↑ شيخ اياز جي ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ڀاڱي ٻئي تان ورتل.