آبي گدلاڻ
ڏيک

آبي گدلاڻ گدلاڻ جي ٽن وڏن قسمن مان ھڪ آھي. ھي گدلاڻ پاڻي جي وھڪرن جھڙوڪ درياھن، ندين، چشمن يا پاڻي جي جسمن جھڙوڪ سمنڊن، ڍنڍن، کڏن وغيرہ ۾ ڪارخانن جي گندي پاڻي، ڪيميائي مادن، پلاسٽڪ يا ٻيو گند وڃڻ جي ڪري ٿئي ٿي. ھن گدلاڻ جا پاڻي ۽ ان سان سلھاڙيل جيوت تي ڏاڍو اثر انداز ٿئي ٿي.