وحي
ڏيک
وحي(انگريزي: Revelation ) جي معني آهي اشارو ڪرڻ، دل ۾ ڪا ڳالھ وجھڻ، مخفي طريقي سان ڪا ڳالھ چوڻ، پيغام ڏيڻ[1].پيغمبرن جو هڪ اهڙو معنوي ۽ روحاني ڳانڍاپو آهي، جنهن جي وسيلي سان پيغمبر آسماني پيغام ڳنهندا آهن. قرآن شريف ۾ لفظ ’وحي‘ ڪافي وسعت ۾ ڪتب آيو آهي، فرشتن، شيطانن، انسانن، حيوانن ۽ زمين لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي؛ البتہ، ان لفظ جو گھڻو استعمال ان وحيءَ جي باري ۾ ٿيو آهي جيڪا الله تبارڪ و تعالى پنهنجي پيغمبرن تي نازل ڪندو آهي.
وحي جا قسم
[سنواريو]قرآن شريف نبوي وحي جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: سورة شورى جي آيت: 51 ۾ ارشاد آهي تہ:
- ’وما کان لبشر ان يکلّمه الله الّا وحياً او من وراء حجاب او يرسل رسولاً‘
- ترجمو: الله ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان وحي يا پردي جي پويان يا پنهنجي رسول کان سواءِ ڳالھ ٻولھ نٿو ڪري.
وحي ٽن طريقن سان ڪئي ويندي آهي:
- پيغمبر ۽ ڌڻي سڳوري جي وچ ۾ سڌو سنئون رابطو ٿيندو آهي،
- پڙدي جي پويان وحي ڪئي ويندي آهي، جيئن حضرت موسى سان وڻ جي ذريعي ڪلام ڪيو ويو،
- فرشتي جي ذريعي وحي نازل ڪئي ويندي آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 424