صفد
صفد
| |
---|---|
عبراني نقل نگاري | |
• آء ايس او 259 | Çpat |
• لفظي نقل | سفت |
• وڌيڪ اچار | Tsfat, Tzefat, Zfat, Ẕefat (official) |
جاگرافي بيهڪ: 32°57′57″N 35°29′54″E / 32.96583°N 35.49833°E | |
ملڪ | اسرائيل |
ضلعو | اتريون ضلعو |
ذيلي ضلعو | صفد |
قيام | پندرھين صدي قبل مسيح کان اڳ[1] |
حڪومت | |
• ميونسيپلٽي جو سربراھ | شوڪي اھانا |
بلندي | 900 ميل (3,000 ft) |
آبادي (2017)[2] | |
• ڪل | 35,276 |
صفد (عبراني: سپت ) (انگريزي: Safed ) يا (انگريزي: Zefat) اسرائيل جي اترئين ضلعي ۾ واقع ھڪ شھر آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 2953 فٽن (900 ميٽرن ) جي بلندي تي واقع گليل (عربي: الجليل ) واري خطي جو سڀ کان بلند ترين مقام آهي[3]، جنھن سبب اونھاري ۾ ھن شھر جي موسم گرم ۽ سياري م تمام ٿڌي ھوندي آھي ۽ سياري م اڪثر برف پوندي آهي[4]. ٻئين ٽيمپل واري دؤر ۾ ھي شھر انھن پنجن بلند مقامن مان ھڪ ھيو جن تي باھ ٻاري روش ھوديش (عبراني ڪيلنڊر جي ھر مھيني جو پھريون ڏينھن) ۽ جشنن جو اعلان ڪيو ويندو ھيو[5] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ اھو صليبين جي يروشلم واري بادشاھت جو سفت جي نالي سان ھڪ قلعبند شھر ھيو.
1266ع ۾ مملوڪن جي سلطنت جي سلطان بيبرس ھن شھر تي قبضو ڪيو ۽ پنھنجو گورنر مقرر ڪري قلعو کيس سونپيو. ھي شھر مملوڪ شام جي ھڪ صوبي صفد جو صدرمقام پڻ رھيو. ان صوبي ۾ انوقت الجليل ۽ جنين وارا علائقا پن شامل ھيا[6]. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 2004 ۾ ھن شھر جي آبادي جو تخمينو 27,300 ھيو[7]. ھي شھر اتر اسرائيل م طبريا ڍنڍ (گليل وارو سمنڊ) جي ڀرسان واقع آهي[7]. اھو يھوديت جي چئن پاڪ شھرن مان ھڪ آھي[7].فليويئس جوزفس پھرين صدي عيسويءَ ۾ ۽ ٻيھر صليبين وچولي دؤر ۾ ھن شھر جي قلعبندي ڪرائي ھئي[7]. ھي شھر سورھين صدي عيسويءَ ۾ يھودي وجدانيت واري مڪتبه فڪر جو مرڪز رھيو ۽ 1948ع ۾ جديد اسرائيلي رياست جو حصو ٿي ويو[7]. ھن شھر جي معيشت ھلڪي صنعت ۽ سياحت تي مشتمل آهي[7].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Erhard Gorys (1996) (German ۾). Heiliges Land. Kunst-Reiseführer. Cologne: DuMont. p. 267. ISBN 3-7701-3860-0. "Der ägyptische Pharao Thutmosis III (1490-1436) erwähnte in seiner Liste der eroberten Städte Kanaans auch Saft, das möglicherweise mit Zefat identisch war. (The Egyptian Pharao Thutmose III (1490-1436) mentioned Saft in his list of cities conquered in Canaan, which might be identical with Safed.)"
- ↑ "List of localities, in Alphabetical order" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. حاصل ڪيل August 26, 2018.
- ↑ "Safed". Jewish Virtual Library Article. حاصل ڪيل 2012-01-07.
- ↑ Vilnay, Zev (1972). "Tsefat". A Guide to Israel. Jerusalem, Palestine: HaMakor Press. pp. 522–532.
- ↑ "Safed". Encyclopedia Judaica. Jerusalem, Israel: Keter. صفحو. 626.
- ↑ Sharon, 1997, p. xii
- ↑ 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -