مواد ڏانھن هلو

باڪو

بيھڪ: 40°23′43″N 49°52′56″E / 40.39528°N 49.88222°E / 40.39528; 49.88222
هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باڪو
(آذري ٻولي ۾: Bakı )
آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
باڪو}}
قومي نشان
عرفيت: هوائن جو شهر
(آذربائيجاني: Küləklər şəhəri)
باڪو is located in Baku, Azerbaijan
باڪو
باڪو
باڪو is located in Azerbaijan
باڪو
باڪو
باڪو is located in Europe
باڪو
باڪو
باڪو is located in Asia
باڪو
باڪو
آزربائيجان ۾ باڪو جو هنڌ
جاگرافي بيهڪ: 40°23′43″N 49°52′56″E / 40.39528°N 49.88222°E / 40.39528; 49.88222
ملڪ  آذربائيجان
حڪومت
 • ميئر ايلدار عزيزوف
پکيڙ[1]
 • آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
2,140 ڪ.م2 (830 ميل2)
بلندي −28 ميل (−92 ft)
آبادي (2015 جو تخمينو)[3]
 • آذربائيجان جو راڄڌاني شهر
ميٽروپوليٽن علائقو
2,262,600
سرڪاري نالو ڪوٽ وارو شھر باڪو شروانشاھي محل ۽ ميڊن ٽاور سميت
قسم ثقافتي
معيار iv
عهدو 2000 (24ھين مجلس)
حوالا نمبر. 958
خطري ۾ 2003–2009
رياستي ڌر آذربائيجان
ريجن يورپ ۽ ايشيا

باڪو (انگريزي: Baku)() آذربائيجان جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ آهي. هاڻوڪي ميئر جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ ھي شھر ڪوھ قاف ريجن ۽ ڪيسپئن سمنڊ جو پڻ سڀ کان وڏو شهر آهي[6]. 2020 تائين باڪو آذربائيجان جو واحد ميٽروپوليٽن شھر يا ميٽروپولس آھي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. باڪو شھر جي آڳاٽي حصي جي چئوگرد فصيل آهي. شھر جي ان پراڻي حصي کي ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.

شھر جو نالو

باڪو جو نالو فارسي لفظ بادڪوبه (هوائن جو ماريل) سان مشتق آهي ۽ ان جو محل وقوع جي لحاظ سان گهڻو موزوں آهي. وچئين دور جا مورخ انکي باڪويه، بلاڪوہ ۽ باڪه پڻ لکن ٿا.

تاريخ

تاريخ ۾ ان جو ذڪر ٽئين صدي هجري کانپوءِ ملي ٿو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ باڪو شروانشاھي واري شاھي حاڪميت ھيٺ ھيو

thumb پينٽنگ ۾ شروانشاھي گھراڻي جو صفوي گھراڻي جي ھٿان ٿيل زوال ڏيکاريل
thumb پينٽنگ ۾ شروانشاھي گھراڻي جو صفوي گھراڻي جي ھٿان ٿيل زوال ڏيکاريل

شروانشاھي ۽ صفوي دور

شروانشاھي دور ۾ ڏھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ھي شھر اڪثر خزارن ۽ خيو وارن روسين جي حملن جي زد ۾ رھيو. شروانشاھي حاڪم شروانشاھ اخستان پھرين ھن شھر ۾ بحري فوج قائم ڪئي جنھن 1170ع جي روسي حملي کي ڪاميابي سان پسپا ڪيو. 1191ع ۾ شروان جي گادي جي هنڌ شماخي ۾ طاقتور زلزلو آيو جنھن ڪري شروانشاھي درٻار باڪو منتقل ڪئي وئي.۾[7].

ڪيسپئن سمنڊ ۾ چوڏھين صدي ۾ زلزلي جي ڪري ٻڏي ويلقصر سباييل مان نڪتل نشانيون

باڪو جي سرزمين ۽ پوري آذربائيجان سڀ کان وڌيڪَ اثر شروانشاھي دور ۾ حاصل ڪيو. 12 کان 14 صدي عيسويءَ ۾ باڪو ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن شھرن جي وڏي پيماني تي قلعبندي ڪئي وئي. شروانشاھي دور ۾ ڪنوارين وارو مينار، رماني قلعو، نارداران قلعو، شاگان قلعو، مردڪان وارو چوڪنڊو قلعو، مردڪان وارو گول قلعو ۽ باڪو اپسمنڊ ۾ واقع ٻيٽ تي قصر سباييل جوڙيا ويا. باڪو ۾ پراڻي شھر وارو ڪوٽ بہ ان دؤر جو اڏيل آھي. سورھين صدي عيسويءَ ۾ باڪو جي دولت ۽ ان جي اسٽريٽجڪ بيھڪ پاڙي وارين رياستن جي ڌيان جو مرڪز رھي. باڪو چوڏھين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ سني مسلمانن جي ترڪماني گھراڻن قرہ قويونلو ۽ آق قويونلو جي حاڪميت ۾ رھيو جيڪي ايراني ايمپائر جي زير اثر ھيا. آق قويونلو گھراڻي جي زوال بعد باڪو ايران جي صفوي گھراڻي جي شاھ شاھ اسماعيل (دور حڪمراني:1501–1524) جي چڙھائي جو شڪار ٿيو جنھن 1501ع ۾ ان تي قبضو ڪيو پر ھن شروانشاھي گھراڻي کي ايراني بالادستي ھيٺ اقتدار ۾ رھڻ جي اجازت ڏني. ان کان پوءِ شاھ ٿماسب پھرين (دور حڪمراني: 1524–1576) شروانشاھي گھراڻي کي مڪمل طور تي اقتدار کان بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ باڪو کي شروان صوبي جو حصو بڻائي صفوي ايمپائر ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اھڙي طرح باڪو ايراني ايمپائر جو اوڻويھين صديءَ ۾ ٿيل گلستان واري معاهدي تائين ان جو حصو رھيو. صفوين نائين صدي کان بادشاھي ۾ رھندڙ شروانشاھي خاندان جي ھميشه جي لاء خاتمو آندو. صفوين ۽ خلافت عثمانيه جي وچ ۾ جنگ (1578-1590) دوران باڪو تي قبضو ڪيو. 1583 کان 1606ع تائين خلافت جي قبضي ھيٺ رھيو. پر 1607 ۾ صفوي ايمپائر ان کي واپس قبضي ۾ ورتو[8]. 1604ع ۾ صفوي ايمپائر جي شاھ عباس پھرين (دور حڪمراني:1588-1629) باڪو جي قلعي کي تباھ ڪري ڇڏيو.

1745ع ۾ انڊيا جي واپارين پاران جوڙايل آتشگاھ مندر ۾ سنسڪرت ۾ شو ديوتا جي شان ۾ اڪريل عبارت

جديد دؤر جي شروعات ۾ باڪو تجارتي لحاظ کان دنيا جي واپارين جي ڌيان ڇڪائيندڙ علائقو بڻجي ويو. خاص طور تي انڊيا جي واپارين اتي ڪافي ناڻو ڪمايو ۽ اتي ھندن، سکن ۽ پارسين جي عبادت لاء ھڪ گڏيل عبادتگاھ آتشگاھ مندر جي نالي سان جوڙائي. صفوي ايمپائر جي زوال واري دؤر ۾ روسي ايمپائر موقعي جو فائدو وٺندي جنگ شروع ڪئي جيڪا 1722 کان 1723 تائين جاري رھي جنھن جي نتيجي ۾ مجبورن صفوي ايمپائر باڪو وارو علائقو روس جي حوالي ڪيو[9]

روسي ايمپائر ۽ قجر ايمپائر

10 مارچ 1730ع ۾ نادر شاھ (دور حڪمراني: 1736–1747) گنجه واري معاهدي ذريعي باڪو ۽ ٻيا علائقا روس کان طاقت جي زور تي واپس ورتا[10]. نادر شاھ جي وفات کان پوءِ ايراني ايمپائر ٽٽي کوڙ نيم خودمختيار فارسي خانيٽن ۾ تبديل ٿي وئي[11][12]. باڪو خانيٽ پڻ انھن مان ھڪ ھئي جنھن جو حاڪم مرزا محمد خان ھيو پر جلد ئي اھا قبا خانيٽ جي ماتحتي ۾ اچي وئي. ان دور ۾ باڪو شھر جي آبادي پنج ھزار جي لڳ ڀڳ ھئي. لاڳيتن جنگن باڪو جي معيشت تباھ ڪري ڇڏي ھئي.

1861 جي باڪو جي ڪناري جي پينٽنگ

1796ع جي بھار ۾ روسي ملڪه ڪيٿرائن پھرين فارس جي قجر ايمپائر تي فوجي چڙھائي ڪئي.[13] جرنل زبوف 13000 فوجين سميت حملو ڪري بغير مزاحمت جي باڪو تي قبضو ڪيو. 13 جون 1796ع تي شھر ۾ روسي فوجي گيريزن قائم ڪئي وئي. راڻي ڪيٿرائن جي وفات سبب اھا مھم پائول پھرين جي حڪم تي ختم ڪئي وئي ۽ روسي فوج کي باڪو ڇڏڻ جو حڪم مليو. مارچ 1797 ۾ روسي فوج نڪري وئي ۽ باڪو واپس قجر ايمپائر جي ڪنٽرول ۾ آيو. 1804 کان 1813 تائين روسي ايمپائر ۽ قجر ايمپائر وچ ۾ جنگ ھلي جنھن جو خاتمو 1813ع ۾ گلستان واري معاهدي سان ٿيو جنھن ذريعي باڪو ۽ ٻيا علائقا قجر ايمپائر مجبور ٿي روسي ايمپائر جي حوالي ڪيا. 1826 کان 1828 ۾ قجر ايمپائر ۽ روسي ايمپائر ۾ وري جنگ ٿي جنھن ۾ باڪو ڪجهه وقت ايراني قبضي ۾ آيو پر پوء ترڪمنچائي معاھدي ذريعي روسي ايمپائر وري علائقا واپس ورتا[14] جڏھن 1813 ۾ باڪو روسي قبضي ۾ آيو تہ ان جي آبادي اٺ ھزار کن ھئي ۽ سمورا ماڻھو تاتي نسل وارا ھيا[15].

باڪو ۾ ميڊن ٽاور

تيل جي دريافت

بيبي حيبت لڳ تيل وارا مزدور ھٿرادو طريقي سان تيل ڪڍندي ڏيکاريل

روس 1837ع ۾ باڪو شھر ٻاھران بالاخاني ۾ آذربائيجان جو پھريون تيل صاف ڪرڻ لاء تيل جي ريفائنري لڳائي. 1800 واري پھرين ڏھاڪي ۾ تيل لاءِ ھتي ڊرلنگ جي شروعات ٿي. باڪو ۾ پھرين ڀيرو تيل 1846ع ۾ شھر لڳ بيبي حيبت مسجد ڀرسان واقع تيل جي کوھ مان ڪڍيو ويو[16] شروع ۾ ھٿرادو طريقي سان کوھ کوٽي پوء انھن ۾ ڊرلنگ ڪري تيل ڪڍيو ويندو هو. 1872ع ۾ تيل سان سرشار زمينون نيلام ڪري پرائيويٽ سيڙپڪارن کي آڻي ان ذريعي وڏي پيماني تي تيل جي ڳولا شروع ڪئي وئي. 1880 واري ڏھاڪي ۾ باڪو لڳ ھڪ صنعتي علائقو قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ بليڪ ٽائون (ڪارو شھر), سڏجڻ لڳو[17]. ويھين صديءَ جي شروعاتي دؤر ۾ بين الاقوامي منڊي ۾ وڪامجندڙ اڌ تيل باڪو مان نڪتل ھيو[18]. تيل جي دريافت ھن شھر جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو آندو.

عالمي جنگون

آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جا فوجي باڪو واري جنگ کان جلد پوء
1920ع ۾ باڪو جي نيفچلر اوينيو ۾

پھرين جنگ عظيم دوران 1917ع ۾ روسي انقلاب روسي ايمپائر جو انت آندو. باڪو ھڪ جھوني بالشيوڪ ڪميونسٽ اسٽيفن شاھوميان جي سربراھي ۾ 26 باڪو ڪوميسار يا باڪو ڪميون جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. شھر گھرو ويڙھ جي ور چڙھي ويو. بالشويڪن ۽ آرمينيائي انقلابي فيڊريشن جي فوجين سان مقامي آذربائيجاني مزاحمت ڪري رهيا ھيا. ان ويڙھ ۾ باڪو منجھ 3000 کان 12000 تائين آذربائيجاني ماڻھو مارجي ويا[19][20] 28 مئي 1918 ۾ ٽرانسڪاڪيشن ڊيموڪريٽڪ فيڊريٽو ريپبلڪ ۾ شامل آذربائيجاني ڌڙي گنجه ۾ آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي آزادي جو اعلان ڪيو[21]. نئين آزاد ٿيل ان ريپبلڪ عثماني خلافت کان مدد گھري ۽ آذربائيجاني فوج خلافت عثمانيه جي فوج جي مدد سان جنرل نوري پاشا جي اڳواڻي ۾ باڪو ڏانھن پيشقدمي ڪئي ۽ شھر بالشويڪن ۽ آرمينيائي انقلابي فيڊريشن جي فوجين کان ۽ ان سان گڏوگڏ منشويڪن ۽ برطانوي فوجين کان 15 سيپٽمبر 1918ع تي آزاد ڪرايو. باڪو واري جنگ بعد باڪو شهر ۾ ترڪ ۽ آذربائيجاني فوجين 10000 کان 30000 آرمينيائي ماڻھن جو قتل عام ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي[22] باڪو کي آذربايجان جي ريپبلڪ جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. پھرين جنگ عظيم ۾ خلافت عثمانيه جنگ ھارائي ويٺي ۽ برطانيا سان مدروس وارو جنگبندي جو معاھدو ڪيو. نتيجتن ترڪ فوج کي باڪو ڇڏڻو پيو. جنرل مونٽگوميري 5000 برطانوي فوجين سان 17 نومبر تي باڪو ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ باڪو جو فوجي گورنر ھجڻ جو اعلان ڪيو ۽ مارشل لا لاڳو ڪئي. 1919ع جي پڇاڙيءَ ۾ برطانوي فوج باڪو مان نڪري وئي[23]. باڪو آذربائيجاني ريپبلڪ جي ڪنٽرول ۾ رھيو. 28 اپريل 1920ع ۾ يارھين سرخ فوج باڪو ۾ گھري آئي ۽ بالشويڪن کي مضبوط ڪيو ۽ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪئي. 1921ع کان باڪو شھر شھري مجلس عامله جي نگراني ۾ رھيو. ان کان سواءِ باڪو پارٽي ڪاميٽي مختصرن باڪسوويت طور سڃاڻجندڙ ڪيسپئن سمنڊ جي ھن ميٽروپولس جي معاشي واڌاري ۾ ڪردار ادا ڪيو. 922 کان 1930 تائين باڪو سوويت يونين جي واپاري ميلن جو مرڪز رھيو ۽ اھو ايران ۽ وچ اوڀر لاء ھڪ واپاري پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو[24] ٻي جنگ عظيم ۾ جرمني جي سوويت يونين تي حملي بعد باڪو ھڪ زبردست اسٽريٽجڪ اھميت وارو ٿي ويو. نازي جرمنيءَ سوويت يونين جي تيل جي سپلاءِ روڪڻ لاء باڪو تي قبضي ڪرڻ جو پلان رٿيو جنھن تي عمل لاء آپريشن ايڊلوائيس شروع ڪيو جيڪا ڪوھ قاف واري محاذ واري جنگ ھئي. نومبر 1942ع ۾ جرمني فوج باڪو کان 530 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پھتي پر سوويت فوج آپريشن لٽل سيٽرن ذريعي جرمن فوج کي شڪست ڏئي پسپائي تي مجبور ڪيو. جزيرو نما آبشار کان پهريون ڀيرو مشينن وسيلي سال 1842 ۾ تيل ڪڍيو ويو. 1877 ۾ هتي ريلوي لائن وڇائي، 1907 ۾ باڪو کان باطوم (ڪارو سمنڊ) تائين تيل جي پائپ لائن مڪمل ٿي وئي ۽ معدني تيل برآمد ٿيڻ لڳو. روسي انقلاب کانپوءِ 31 جولاءِ سال 1918 کان 28 اپريل سال 1920 تائين باڪو آزاد مملڪت آذربائيجان جو گاديءَ جو هنڌ رهيو، وري ريڊ آرمي ان تي قبضو ڪري ورتو. سال ڊسمبر 1991 ۾ سقوط روس کانپوءِ باڪو آزاد جمهوريہ آذربائيجان جو صدر مقام بڻجي ويو.

جاگرافي

ھن شھر جي جاگرافيائي بيھڪ اتر ۾ 40.395278 درجي تي ۽ اوڀر ۾ 49.882222 درجي واري ھنڌ ڪيسپئن سمنڊ جي اولهندي پاسي باڪو واري اپسمنڊ ۾ ابشرون اپٻيٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي، ابشرون معاشي ريجن نالي صوبي ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 2,130 چورس ڪلوميٽر (822.4 چورس ميل ) آهي. ڌرتي جي سامونڊي مٿاڇري کان ( ڪيسپئن سمنڊ جو شمار ھڪ ڍنڍ طور ٿئي ٿو تنھنڪري ان جي سطح سان ڀيٽ شمار ۾ نہ ايندي جيڪا خود عام سامونڊي سطح کان ھيٺ آھي) ھن شھر جي بلندي ڪاٽُو 28 ميٽر (-92 فٽ) آهي يعني هي وچٿري سامونڊي مٿاڇري کان به هيٺئين مٿاڇري تي واقع آهي جنھن ڪري ھي شھر دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ ھيٺاھين تي واقع گادي جو هنڌ ۽ سامونڊي سطح کان ھيٺ واقع دنيا جو سڀ کان وڏو شھر آهي. ھن شھر جي چؤطرف کوڙ گل فشان جھڙڪ ڪيارڪي، بوگخ بوگخا، لوڪباتان ۽ ٻيا شامل آهن.

مصنوعي سيارچي لينڊسيٽ 5 جي تصوير ۾ ابشرون وارو اپٻيٽ ڏيکاريل

آبهوا

موسمي رڪارڊ : باڪو
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
6.6
(43.9)
6.3
(43.3)
9.8
(49.6)
16.4
(61.5)
22.1
(71.8)
27.3
(81.1)
30.6
(87.1)
29.7
(85.5)
25.6
(78.1)
19.6
(67.3)
13.5
(56.3)
9.7
(49.5)
18.1
(64.6)
روزاني سراسري°C (°F) 4.4
(39.9)
4.2
(39.6)
7.0
(44.6)
12.9
(55.2)
18.5
(65.3)
23.5
(74.3)
26.4
(79.5)
26.3
(79.3)
22.5
(72.5)
16.6
(61.9)
11.2
(52.2)
7.3
(45.1)
15.1
(59.2)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
2.1
(35.8)
2.0
(35.6)
4.2
(39.6)
9.4
(48.9)
14.9
(58.8)
19.7
(67.5)
22.2
(72)
22.9
(73.2)
19.4
(66.9)
13.6
(56.5)
8.8
(47.8)
4.8
(40.6)
12.0
(53.6)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 21
(0.83)
20
(0.79)
21
(0.83)
18
(0.71)
18
(0.71)
8
(0.31)
2
(0.08)
6
(0.24)
15
(0.59)
25
(0.98)
30
(1.18)
26
(1.02)
210
(8.27)
سراسري مينھن
(≥ 0.1 mm)
6 6 5 4 3 2 1 2 2 6 6 6 49
برفاني ڏينھن
جي سراسري

(≥ 1 cm)

4 3 0 0 0 0 0 0 0 0 0 3 10
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
89.9 89.0 124.0 195.0 257.3 294.0 313.1 282.1 222.0 145.7 93.0 102.3 2,207.4
Source #1: عالمي موسمياتي تنظيم (UN)

,[25] ھانگ ڪانگ واري آبزرويٽري[26] اس واري وقت جي ڊيٽا لاءِ

ذريعو #2: ميئوويڌر (برفاني موسم)[27]

آبادي

ھن شھر جي رھاڪن کي باڪوويئن سڏيندا آهن سنڌي ۾ انھن کي باڪوويائي ماڻھو سڏبو آهي. آبادي 2008ع ۾ 19 لک 70 هزار هئي ۽ 2009 ۾ ان جو ڪاٿو 20 لک جي لڳ ڀڳ ھيو.[28]. ملڪ جي مسلمان آبادي شيعه مذهب سان تعلق رکندڙ آھي. ايران کان پوء آذربائيجان دنيا ۾ ٻيون نمبر وڏو شيعن جو ملڪ آھي.


سال آذربائيجاني % روسي % آرمينيائي % يھودي % ٻيا % ڪل
1851[29] more than 5,000 405 5.5% 7,431
1886[30] 37,530 43.3 21,390 24.7 24,490 28.3 391 0.5 2,810 3.2 86,611
1897[31] 40,341 36 37,399 33.4 19,099 17.1 3,369 3 11,696 10.5 111,904
1903[32] 44,257 28.4 59,955 38.5 26,151 16.8 n.a. n.a. 28,513 18.3 155,876
1913[32] 45,962 21.4 76,288 35.5 41,680 19.4 9,690 4.5 41,052 19.1 214,672
1926[33] 118,737 26.2 167,373 36.9 76,656 16.9 19,589 4.3 70,978 15.7 453,333
1939[34] 215,482 27.4 343,064 43.6 118,650 15.1 31,050 3.9 79,377 10.1 787,623
1959[35] 211,372 32.9 223,242 34.7 137,111 21.3 24,057 3.7 56,725 8.7 652,507
1970[36] 586,052 46.3 351,090 27.7 207,464 16.4 29,716 2.3 88,193 6.9 1,262,515
1979[37] 530,556 52.4 229,873 22.7 167,226 16.5 22,916 2.3 62,865 6.2 1,013,436
1999[38] 1,574,252 88 119,371 6.7 378 0.02 5,164 0.3 89,689 5 1,788,854
2009[39] 1,848,107 90.3 108,525 5.3 104 0.01 6,056 0.6 83,023 4.1 2,045,815

انتظامي ورهاست

باڪو جي ميٽروپولس 12 انتظامي ريئن يا ضلعن تي مشتمل آھي[40][41] جيڪي 48 ننڍن ٽائونن ۾ ورھايل آھن جيڪي باڪو واري ٻيٽن جي جھرمٽ تي واقع آھن. جڏهن تي انھن مان ھڪ ٽائون باڪو کان 60 ڪلوميٽر پري تيل وارا پھاڙ جي نالي سان سمنڊ اندر ٺلھن تي بيٺل تيل جي فيلڊس جي صورت ۾ مصنوعي ٻيٽ وانگر آهي. باڪو جو پراڻو شھر ڪناري تي ڪوٽ وارو شھر، شروانشاھي محل ۽ ميڊن ٽاور سميت واقع آهي جنھن کي 2000ع ۾ يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنو آهي.
باڪو جا 12ريئن يا ضلعا

لاڳاپيل مضمون


نگار خانو

آذربائيجان جي راڄڌاني شهر، باڪو جي سڀني نظارن کي ڏيکاريندڙ تصوير (پينوراما)

خارجي ڳنڍڻا

حوالا

  1. "Administrative, density and territorial units and land size by economic regions of Azerbaijan Republic for January 1. 2007". وقت 24 November 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 July 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Demographia: World Urban Areas آرڪائيو ڪيا ويا 5 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – Demographia, 2016
  3. "CIA World Factbook". وقت 7 January 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 January 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. Thomas de Waal (2010). The Caucasus: An Introduction. Oxford University Press. p. 16. ISBN 0-19-975043-2. 
  5. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 23 September 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 September 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "Seven astounding facts about the city of Baku". حاصل ڪيل September 6, 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Ичери Шехер": быть или не быть Retrieved on 25 June 2006 آرڪائيو ڪيا ويا 20 June 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  8. Dumper, Michael; Stanley, Bruce E (2007). Cities of the Middle East and North Africa. ABC-CLIO. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA65. 
  9. Shukiurov Kerim. "The Caucasus in the System of International Relations: The Turkmanchay Treaty was Signed 180 Years Ago". Cyberleninka. وقت 29 June 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 June 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. Mikaberidze, Alexander (2011). "Treaty of Ganja (1735)". in Mikaberidze, Alexander. Conflict and Conquest in the Islamic World: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 329. ISBN 978-1-59884-336-1. 
  11. "Azerbaijan – history – geography". britannica.com. وقت 18 November 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 July 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. Russia and Iran, 1780-1828By Muriel Atkin, Page 16-20
  13. "Relations between Tehran and Moscow, 1797–2014". وقت 1 May 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 March 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. Mojtahed-Zadeh, Pirouz (2007). Boundary Politics and International Boundaries of Iran: A Study of the Origin, Evolution, and Implications of the Boundaries of Modern Iran with Its 15 Neighbours in the Middle East by a Number of Renowned Experts in the Field. Universal. p. 372. ISBN 978-1-58112-933-5. 
  15. James B. Minahan (2014). Ethnic Groups of North, East, and Central Asia: An Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 262. ISBN 978-1-61069-018-8. https://books.google.com/books?id=oZCOAwAAQBAJ&pg=PA262. 
  16. Smil, Vaclav (2017). Energy and Civilization: A History. Cambridge: The MIT Press. p. 246. ISBN 9780262035774. 
  17. Yergin, Daniel (1991). The Prize, The Epic Quest for Oil, Money & Power. New York: Simon & Schuster. pp. 57–63. ISBN 9780671799328. 
  18. R.Hrair Dekmejian, Hovann H. Simonian (2003). Troubled Waters: The Geopolitics of the Caspian Region. I.B. Tauris. p. 16. ISBN 978-0-85771-755-9. https://books.google.com/books?id=EVABAwAAQBAJ&pg=PA16. 
  19. Smith, Michael (April 2001). "Anatomy of Rumor: Murder Scandal, the Musavat Party and Narrative of the Russian Revolution in Baku, 1917–1920". Journal of Contemporary History 36 (2): 228. doi:10.1177/002200940103600202. "The results of the March events were immediate and total for the Musavat. Several hundreds of its members were killed in the fighting; up to 12,000 Muslim civilians perished; thousands of others fled Baku in a mass exodus". 
  20. Minahan, James B. (1998). Miniature Empires: A Historical Dictionary of the Newly Independent States. p. 22. ISBN 0-313-30610-9. "The tensions and fighting between the Azeris and the Armenians in the federation culminated in the massacre of some 12,000 Azeris in Baku by radical Armenians and Bolshevik troops in March 1918" 
  21. Tadeusz Swietochowski. Russia and Azerbaijan: A Borderland in Transition. Columbia University Press, 1995. ISBN 0-231-07068-3, ISBN 978-0-231-07068-3 and Reinhard Schulze. A Modern History of the Islamic World. I.B.Tauris, 2000. ISBN 1-86064-822-3, ISBN 978-1-86064-822-9.
  22. Andreopoulos, George (1997). Genocide: Conceptual and Historical Dimensions. Philadelphia: University of Pennsylvania Press, ISBN 0-8122-1616-4, p. 236.
  23. Behbudov, Tahir. "British Police in Baku". Visions of Azerbaijan. وقت 31 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 August 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  24. Etienne Forestier-Peyrat, ″Red Passage to Iran: Baku Trade Fair and the Unmaking of the Azerbaijani Borderland, 1922–1930 آرڪائيو ڪيا ويا 4 March 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.″, Ab Imperio, Vol 2013, Issue 4, pp. 79–112.
  25. "World Weather Information Service". وقت 18 March 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 March 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. "Climatological Information for Baku, Azerbaijan" آرڪائيو ڪيا ويا 19 January 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – Hong Kong Observatory
  27. "Baku, Azerbaijan". Meoweather. وقت 16 August 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  28. "Population by economic and administrative regions, urban settlements at the beginning of the 2009". وقت 14 November 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 November 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  29. (in Russian) Kavkazskii Kalendar na 1852 g., pp. 305–307
  30. (in Russian) Свод статистических данных о населении Закавказского края, извлечённых из посемейных списков 1886 года, г. Тифлис, 1893
  31. (in Russian) Первая всеобщая перепись населения Российской Империи 1897 г. – г. Баку آرڪائيو ڪيا ويا 19 January 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  32. 32.0 32.1 The Azerbaijani Turks: Power and Identity Under Russian Rule, Audrey L. Altstadt, page 32, Hoover Press, 1992, ISBN 978-0-8179-9183-8
  33. (in Russian) Всесоюзная перепись населения 1926 года, т. 14, Закавказская СФСР, г. Москва, 1929
  34. Soviet 1939 census
  35. Soviet 1959 census
  36. Soviet 1970 census
  37. Soviet 1979 census
  38. "Ethnic composition of Azerbaijan 1999". وقت 29 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 June 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  39. "Ethnic composition of Azerbaijan 2009". وقت 7 February 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 June 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  40. "Baku's History". Bakupages.com. وقت 2 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  41. "Baku's History". Kishmish.az. وقت 6 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)

سانچو:آذربائيجان جي انتظامي ورهاست